اهم خبرون

پاڪستان

March 19, 2023 4:13 pm

ڇا آءِ ايم ايف سان ڳالهين دوران ايٽمي پروگرام تي به ڳالهيون ٿيون آهن؟: شاهه محمود قريشي

ڇا آءِ ايم ايف سان ڳالهين دوران ايٽمي پروگرام تي به ڳالهيون ٿيون آهن؟پي ٽي آءِ، ايٽمي اثاثن بابت بيان تي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کان وضاحت ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسحاق ڊار ناڻي وارو وزير آهي، ايٽمي اثاثن بابت بيان سندس سبجيڪٽ ئي ناهي،

سينيٽ جي فلور تي اسحاق ڊار ڪهڙي حيثيت ۾ بيان ڏنو؟ اسحاق ڊار وضاحت ڏئي ته هن ايٽمي اثاثن بابت بيان ڇو ڏنو؟ مامري تي پرڏيهي ترجمان بدران پرڏيهي وزير کي بيان ڏيڻ گهرجي ها،

وزيراعظم کان مطالبو ڪيون ٿا ته مامري تي وضاحت ڏئي افواهن کي ختم ڪري.

وڌيڪ پڙهو: