اهم خبرون

پاڪستان

March 8, 2023 5:03 pm

ڏکيو وقت ۽ ڊفالٽ جو خطرو ختم ٿي ويو،ملڪ ترقي ڪندو: آرمي چيف جنرل عاصم منير

ڏکيو وقت ۽ ڊفالٽ جو خطرو ختم ٿي ويو ، ملڪ ترقي ڪندو،
آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سومر ڏينهن ملڪ جي 10 مشهور ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ڪئي ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي موجودگي ۾ کين يقين ڏياريو ته پاڪستان مشڪل معاشي صورتحال مان ڪاميابيءَ سان نڪرندي ايندو، ملڪ جي ڊفالٽ ٿيڻ جو خطرو به ٽري چڪو آهي،
ملڪ ترقي ڪندو ۽ اسان هڪ خوشحال ملڪ بڻجي اڀرنداسين. ذريعن جو چوڻ آهي ته آرمي چيف ملاقات دوران پراميد نظر آيو ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته موجوده معاشي مشڪلاتن تي به ظابطو اچي ويندو.
هن صنعتڪارن کي پرعزم ۽ پراعتماد رهڻ جو چيو . ذريعن موجب آرمي چيف مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ واپارين کي ٻڌايو ته قومن تي ڏکيا وقت ايندا آهن ۽ اسان ڏکين حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون پر اسان بدترين حالتُن کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي، اسان مضبوط ۽ قائم و دائم رهنداسين،
جنرل عاصم اسلامي تعليمات جو حوالو ڏيندي شرڪت ڪندڙن کي يقين ڏياريو ته پاڪستان موجوده امتحان ۾ ڪامياب ٿيندو، واپارين اجلاس کي ڪامياب قرار ڏنو،
آرمي چيف ۽ ناڻي واري وزير واپارين کي ٻڌايو ته آءِ ايم ايف جون سموريون شرطون پوريون ڪيون ويون آهن،
معاهدو ڪجهه ڏينهن ۾ مڪمل ٿي ويندو.
هن چيو ته آءِ ايم ايف به چيو آهي ته معيشت کي تيز ڪرڻ لاءِ دوست ملڪن سان ڪيل معاهدن کي به دستاويزي شڪل ڏني وڃي،
واپارين کي ٻڌايو ويو ته دوست ملڪن زراعت، مائننگ ۽ آئي ٽي جي شعبن ۾ به سيڙپڪاري ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي.
واپارين آرمي چيف کي ٻڌايو ته قوم اميد رکي ٿي ته فوج معاشري ۾ وڌيڪ انتشار جي اجازت نه ڏيندي.
آرمي چيف سان ملاقات لاءِ آيل 10 واپارين مان 5 جو تعلق ڪراچي ۽ 5 جو لاهور سان هو.

وڌيڪ پڙهو: