اهم خبرون

پاڪستان

February 24, 2023 1:13 pm

گوجرانوالا جي عدالت وفاقي گهرو وزير راناثناءُ الله جا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا

گوجرانوالا جي عدالت وفاقي گهرو وزير راناثناءُ الله جا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا، پوليس کي 7 مارچ تي رانا ثناءُ الله کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم، عدالت رانا ثناءُ الله جا دهشتگردي واري ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽس جاري ڪيا آهن,

راڻا ثناءُ الله جي خلاف 5 آگسٽ 2022 تي (ق) ليگ جي مقامي اڳواڻ شاهه قاز اسلم جي خلاف دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ مٿس چيف سيڪريٽري ۽ سندس گهرڀاتين کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام لڳايو ويو هو.

عدالت جاچ آفيسر، لاڳاپيل ڊي ايس پي ۽ ايس پي انويسٽيگيشن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي 7 مارچ تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 

 

وڌيڪ پڙهو: