وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن تي تيار ڪيل مني بجيٽ اڄ پيش ڪندي، ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ مني بجيٽ پيش ڪندو،
مني بجيٽ ذريعي 170 ارن رپين جا نوان ٽيڪس مڙهيا ويندا، سڀاڻي تائين ٻنهي ايوانن مان بل منظور ڪرائي منظوري لاءِ صدر ڏانهن موڪليو ويندو، ڪابينا مني بجيٽ جي اڳ ئي منظوري ڏئي چڪي آهي،
صدر پاران آرڊيننس ذريعي مني بجيٽ آڻڻ واري فيصلي جي مخالفت بعد حڪومت بل پارليامينٽ ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو هو.