پاڪستان

February 20, 2023 1:57 pm

اميرن کي سبسڊي ۽ غريبن مٿان بار وڌو پيو وڃي: شيخ رشيد

اڳوڻو وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اميرن کي سبسڊي ۽ غريبن مٿان بار وڌو پيو وڃي، حالتون خراب ٿي ويون آهن، موجوده حڪومت دهشتگردي کي روڪي به نه ٿي سگهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اليڪشن ۾ وڌيڪ دير سان ڪو وڏو حادثو ٿي سگهي ٿو، الله کانپوءِ رڳو عدليا ئي ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگهي ٿي.

اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته اڄ کان آئين سان کڏيڻ وارو عمل شروع ٿي ويو آهي.

هن چيو ته، دفاع وارو وزير چئي ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي، پيٽروليم شين جو اسٽاڪ ختم ٿي چڪو آهي.

وفاقي گهرو وزير چيو ته، ٻيو وزير چئي ٿو ته ملڪ جو ڏيوالو ناهي نڪتو، دنيا کي اسان جي خراب معاشي صورتحال تي ڳڻتي آهي.

شيخ رشيد چيو ته، اميد آهي ته صدر عارف علوي 72 ڪلاڪن ۾ اليڪشن جي تاريخ ڏيندو.

\

 

وڌيڪ پڙهو: