حڪومت آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل معاهدي تي عمل شروع ڪري ڇڏيو،
بجلي تان سبسڊي ختم ڪرڻ جو فيصلو، مارچ ۾ بجلي جو في يونٽ 3 رپيا 21 پيسا مهانگو ڪرڻ جو فيصلو،
ذريعن موجب مارچ ۾ وصول ٿيندڙ بجلي جي بلز تي في يونٽ 18 رپيا ورتا ويندا، جون تائين بجلي جو في يونٽ 23 رپيا 39 پيسا ڪيو ويندو.
ذريعن موجب گذريل جولاءِ، آگسٽ ۾ فيول ايڊجسٽمينٽ جي منظوري ڏني وئي هئي، 9 رپيا 90 پيسا ۽ 4 رپيا 51 پيسا في يونٽ ايندڙ 6 مهينن دوران 1 کان 1.5 رپيا في يونٽ جون قسطون 6 مهينن ۾ وصول ڪيون وينديون. ، اهي سرچارج مارچ جي مهيني ۾ گڏ ڪيا ويندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن اقتصادي رابطا ڪميٽي هارين لاءِ بجلي جي بلن تي سبسڊي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.