نه اليڪشن جي تاريخ ڏئي سگهون ٿا، نه ئي مشاورت ڪري سگهون ٿا،
اليڪشن ڪميشن، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊون ڪرائڻ واري معاملي تي ايوان صدر کي مشاورت ۾ شامل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،
سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عمر حميد خان صدر کي لکيل جوابي خط ۾ چيو آهي ته اسيمبلي ٽٽڻ تي اليڪشن ڪميشن پولنگ جي تاريخ ڏيڻ جي پابند ناهي،
اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ صوبن جي گورنرز جو اختيار آهي، پنجاب ۽ ڪي پي جي گورنرز اڃا تائين چونڊن جي تاريخ ناهي ڏني،
صدارتي آفيس سان چونڊن بابت مشاورت ۾ شامل ناهيون ٿيا، معاملا عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، صدر رياست جو سربراهه آهي،
ان جو سندس عهدي مطابق احترام ڪيون ٿا.