اهم خبرون

پاڪستان

February 18, 2023 6:40 pm

غلام محمود ڊوگر ياسمين راشد جي مبينا آڊيو سامهون اچي وئي

سپريم ڪورٽ پاران لاهور جي سي سي پي او طور بحال ڪيل آفيسر غلام محمود ڊوگر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ياسمين راشد جي مبينا آڊيو سامهون اچي وئي،

آڊيو ۾ ياسمين راشد، غلام محمود ڊوگر کان پڇي ٿي ته خوشخبري ٻڌايو، توهان جو آرڊر ٿي ويو آهي؟،جنهن تي ڊوگر چئي ٿو ته اڃا آرڊر ناهي مليو،

سپريم ڪورٽ ۾ اسان جا ماڻهو آهن، ڊاڪ ويندي ئي ججز ان تي صحيح ڪندا، ياسمين راشد چئي ٿي ته خان صاحب کي گهڻي ڳڻتي هئي،

غلام محمد ڊوگر چوي ٿو ته اڄ رات ئي ڊاڪ تي صحيح ٿي ويندي،

ن ليگ اڳواڻ عطا تارڙ چيو آهي ته آڊيو ليڪس بعد سڀ ڪجهه واضح ٿي ويو آهي ته غلام محمود ڊوگر جي پٺيان ڪير آهي،

چيف جسٽس معاملي جو نوٽيس وٺي.

وڌيڪ پڙهو: