اسٽبلشمينٽ عمران خان کي گند جي ٽوڪري سمجهي اڇلائي ڇڏيو آهي،
سندس سهولتڪار فرار ٿي رهيا آهن، پهريون گدڙ آهي، جنهن پنهنجي حفاظت لاءِ عورتن کي مقرر ڪيو آهي،
روز دروازو کولي ڏسي ٿو ته زمان پارڪ ٻاهران عورتون موجود آهن يا هليون ويون،
جان کي اُهو ڪهڙو خطرو آهي جيڪو جلسن ۾ ناهي پر عدالتن ۾ پيش ٿيڻ لاءِ آهي،
ضمانت پارڪ کان بني گالا تائين رڳو ڀَنگ جو اثر نظر اچي ٿو،
مريم نواز فيصل آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته نواز شريف کي سازش تحت هٽائي نشئي کي ملڪ تي مڙهيو ويو،
عمران خان پيشي کان بچڻ ۽ پنهنجي حفاظت لاءِ عورتن کي ڍال بڻائي رهيو آهي،
اليڪشن ضرور ٿيندي پر ان کان اڳ نواز شريف سان ٿيل زيادتين جو حساب ٿيندو.