سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن سبب ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
ڏهرڪي جي ريتي واري علائقي ۾ ماروال روڊ تي نجي اسڪول جي شاگردن سان حادثو پيش اچڻ سبب ست سالن جو ٻارڙو محمد حسن چاچڙ فوت ٿي ويو، سندس ننڍي ڀيڻ اُم رباب ۽ محمد يوسف سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي ڏهرڪي تعلقا اسپتال مان رحيم يار خان ريفر ڪيو ويو آهي.
ميرواهه گورچاڻي ۾ اٺن سالن جي دعا ڌي نيڪ محمد خاصخيلي چنگچي رڪشا تان ڪري پئي ۽ ڳچي ۾ رڪشا جو چين ڦاسڻ سبب فوت ٿي وئي.
هالاڻي ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 55 سالن جو يار محمد سومرو فوت ٿي ويو.
گهوٽڪي ڀرسان ٽرين ۾ فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ نديم پُٽ ڪريم بخش گڏاڻي نالي سان ٿيڻ بعد لاش تعلقا اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو ويو آهي.
جهول ويجهو ڳوٺ محمد خان چنڙ جو رهواسي 38 ورهين جو رمضان پُٽ مولابخش چنڙ رحيم يار خان ۾ ٽرالر جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو.
خيرپور ۾ ٺري ميرواهه کان خيرپور ويندڙ مسافر ويگن حسين آباد ڀرسان ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 20 مسافر زخمي ٿي پيا، زخمين کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو، جتي 5 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
زخمين ۾ اشفاق احمد مڱڻھار، اربيلو اوڏ، ڪرن ڪمار، حسينا اوڏ، ڪشمير ڪلهوڙو، فيض محمد چانڊيو، ساجد چانڊيو، پرويز ڪُٻر، عبدالرشيد لغاري، بختيار ڌاريجو، لياقت ملاح، رمضان وساڻ، علي نواز ميتلو ۽ ٻيا شامل آهن.
ملير ۾ اسٽيل ملز ڀرسان گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان فيضان سخت زخمي ٿي پيو، زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو آهي.