سکر جي باگڙجي واري علائقي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، واٽهڙو سميت 4 ڄڻا مارجي ويا،
مهر برادري جي هڪ ڌر پراڻي تڪرار تان فائرنگ ڪري گهمرا برادري جي هڪ ڌر جي 3 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو،
گهمرا برادري جي ڌر جو پلاند ۾ ڳوٺ تي حملو، هڪ واٽهڙو مارجي ويو،
لاش اسپتال منتقل، ڌرين ۾ تڪرار تيز، وڌيڪ رتو ڇاڻ جو خدشو، پوليس جو چوڻ آهي ته مهر ۽ گهمرا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان واقعو پيش آيو آهي