ڪراچي جي اڳوڻي ڪمشنر افتخار شالواڻي کي جهاز مان آف لوڊ ڪري پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو.
ايئرپورٽ ذريعن موجب ڪراچي جو اڳوڻو ڪمشنر افتخار شيلواڻي اڄ صبح ترڪي ايئرلائن جي اڏام ٽي ڪي 709 ذريعي استنبول کان يورپ وڃي رهيو هو.
ايئرپورٽ ذريعن موجب ايئرلائن جي ڪائونٽر تان بورڊنگ پاس حاصل ڪرڻ بعد هو جڏهن اميگريشن وٽ پهتو ته اميگريشن اختيارين کانئس سرڪاري ملازم طور پرڏيهه وڃڻ جي اجازت گهري.
ايئرپورٽ اختيارين موجب هو ڪراچي کان اٽلي وڃي رهيو هو پر اين او سي نه هجڻ سبب کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي،
جنهن تي ايئرلائن کيس جهاز مان آف لوڊ ڪري ڇڏيو.