اهم خبرون

پاڪستان

February 11, 2023 9:03 pm

پاڪستان جو پرڏيهي وزير تفريحي دوري تي آهي: شاهه محمود قريشي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي بلاول ڀٽو زرداري جو نالو وٺڻ کانسواءِ کيس تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پاڪستان جو پرڏيهي وزير تفريحي دوري تي آهي.

ملتان ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته عوام مريم بي بي، شهباز شريف،

آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان جي لالچ ۾ نه ايندو.

هن چيو ته پ پ جي قيادت ملڪ وڪڻي ڇڏيو، 1100 ارب رپيا قومي دولت تي هڙپ ڪيا ويا.

پي ٽي آءِ وائيس چيئرمين وڌيڪ چيو ته 9 مهينن ۾ ملڪ جو قرض 4 هزار ارب رپيا وڌي ويو آهي.

هن چيو ته عمران خان ملڪ کي بچائڻ لاءِ 2 صوبائي حڪومتون قربان ڪيون،

جيڪي اسان کي گاريون ڏئي رهيا آهن اهي نااهل آهن، الله انهن کي سامهون آڻي.

شاهه محمود قريشي اهو به چيو ته آئين ۾ واضح آهي ته اسيمبليون ٽوڙڻ جي 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرايون وڃن.

وڌيڪ پڙهو: