لاهور: وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ڪروڙين رپين جي شڪي ٽرانزيڪشن تي سائره انور نالي عورت کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ايف آءِ اي پاران جاري ڪيل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته توهان جو جمع ڪرايل جواب شڪي ٽرانزيڪشن سان مطابقت ناهي،
شڪي ٽرانزيڪشن جو رڪارڊ 14 مارچ تائين جمع ڪرايو.
نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته سائره انور کان مختلف اڪائونٽس مان منتقل ٿيل ٽرانزيڪشن بابت جواب طلب ڪيو ويو آهي،
سائره انوار کان ڪروڙين رپين جي مبينا ٽرانزيڪشن جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن.
ايف آءِ اي سائره انور کي موڪليل نوٽيس ۾ چيو آهي ته اڳ ۾ موقعو ڏنو ويو، شڪي ٽرانزيڪشن جي وضاحت نه ڪري سگهي.