پاڪستان

March 6, 2023 1:28 pm

وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته احتساب جو نظام عمرن خان آڏو بيوس بڻيل آهي

وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته احتساب جو نظام عمرن خان آڏو بيوس بڻيل آهي، عمران خان پوليس کي ڏسندي لڪي وڃي ٿو،  جيڪڏهن هن ڪو ڏوهه ناهي ڪيو ته عدالت ۾ پيش ٿئي.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان گرفتاري کان بچڻ لاءِ ٻارن ۽ عورتن کي ڍال بڻائيندو آهي.

هن چيو ته عمران خان قوم کي مهانگائي ۽ بيروزگاري کان سواءِ ڪجهه نه ڏنو.

مريم  اورنگزيب چيو ته، عمران خان ان لاءِ عدالت ۾ پيش نه ٿي رهيو آهي  جو  مٿس توشا خانه  مان گهڙي چوري جو الزام آهي،

هن چيو ته احتساب جو نظام عمران خان آڏو بيوس بڻيل آهي، عمران خان پوليس کي ڏسندي لڪي وڃي ٿو،  جيڪڏهن هن ڪو ڏوهه ناهي ڪيو ته عدالت ۾ پيش ٿئي.

مريم اورنگزيب چيو ته ، عمران خان ادارن خلاف مهم هلائڻ ۾ملو آهي، هاڻ اين آر ارو لاءِ منٿون ڪري رهيو آهي.

وفاقي وزير چيو ته، عمران خان کي خبر آهي ته گهڻو ڳالهائيندو  ته کيس ضمانت ملي ويندي.

 

وڌيڪ پڙهو: