اهم خبرون

پاڪستان

February 12, 2023 8:12 pm

وفاقي حڪومت اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي گرفتاري جي اجازت ڏئي ڇڏي

وفاقي حڪومت اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي گرفتاري جي اجازت ڏئي ڇڏي،

گهرو وزير رانا ثناءُ الله، عمران خان کي سياسي دهشتگرد قرار ڏيندي چيو آهي ته، عمران سڀ ڪجهه گرفتاري کان بچڻ لاءِ ڪري رهيو آهي،

شيخ رشيد جي بيانن پٺيان به عمران آهي، ملڪ جو اصل چور عمران آهي،

رانا ثناءُ الله چيو ته حڪومت شوڪت ترين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ايف آءِ اي کي اجازت ڏئي ڇڏي آهي،

اسان اليڪشن کان نه ٿا ڊڄون، اليڪشن جو وقت مقرر آهي، عدالت پنجاب ۾ اليڪشن ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏنو آهي،

اسان عدالت ۽ اليڪيشن ڪميشن وٽ پنهنجو موقف پيش ڪنداسين.

وڌيڪ پڙهو: