وفاقي ڪابينا پنهنجي اجلاس ۾ توشا خانا جو ريڪارڊ پبلڪ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
ڪابينا فيصلو ڪيو ته ريڪارڊ ڪابينا ڊويزن جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيو ويندو.
ان حوالي سان ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ دفاع جي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڪابينا توشا خانا جو ريڪارڊ ڊي ڪلاسيفائيڊ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ خواجا آصف جو چوڻ آهي ته توشا خانا جو ريڪارڊ جلد ڪابينا ڊويزن جي ويب سائيت تي به پوسٽ ڪيو ويندو.
واضح رهي ته هيل تائين توشا خانا جي حوالي سان ايندڙ سوکڙين بابت ريڪارڊ ڳجهو رکيو ويو، ريڪارڊ جي سامهون اچڻ سان ڪيترين ئي حقيقتن تان پردو کڄندو.