انتظامي لاپرواهي ۽ بدعنوانين جي انتها،
سنڌو درياهه ۽ منڇر ڍنڍ کي گدلاڻ کان بچائڻ لاءِ گندو پاڻي سمنڊ تائين ڇوڙ ڪرڻ وارو 5 سالن جو منصوبو آر بي او ڊي ٽو 22 سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهيو،
14 ارب رپين جي لاڳت سان شروع ٿيل رٿا جي بجيٽ ۾ ٽيڻ تي اضافو، 62 ارب رپين مان 39 ارب رپيا خرچ ٿيڻ باوجود منصوبو اڻپورو،
رٿا ۾ اربين رپين جي بدعنوانين جي به تصديق، آبپاشي کاتي ذميوار ڪامورن خلاف ڪارروائي بدران کين سڻڀين پوسٽن تي مقرر ڪري ڇڏيو،
ڪي ٽي اين نيوز جي پروگرام دي مرر ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف،
الزام هيٺ آيل ڪاموري وقار احمد قادري پنهنجي خلاف ٿيل انڪوائري کي زيادتي قرار ڏيندي سمورو معاملو الله تي ڇڏي ڏنو.