بين الاقوامي

دنيا

February 15, 2023 7:51 pm

ايلون مسڪ هڪ ڪتي کي Twitter جو سي اي او بڻائي ڇڏيو

 

مشهور آمريڪي ڪمپنين ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) ۽ مائڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر جي نئين چيف ايلون مسڪ ڪتي کي ٽوئيٽر جو سي اي او بڻائي ڇڏيو.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ايلون مسڪ هڪ ڪتي جي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ ڪاري ٽي شرٽ پيل آهي جنهن تي سي اي او لکيل آهي.

تصوير سان گڏ ايلون مسڪ پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته ٽوئيٽر جو نئون سي اي او شاندار آهي.

ايلون مسڪ اڳوڻي Twitter جي سي اي او پراگ اگروال تي مذاق ڪندي چيو ته اهو ٻين ماڻهن کان گهڻو بهتر آهي.

واضح رهي ته ايلون مسڪ ٽوئٽر جو ڪنٽرول سنڀاليندي ئي ڪمپني مان 4 اعليٰ عملدارن کي برطرف ڪري ڇڏيو هو، جنهن ۾ ڀارتي نژاد سي اي او پراگ اگروال به شامل هو.

وڌيڪ پڙهو: