اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي 6 سيٽن تان ڊي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
اليڪشن ڪميشن عمران خان کي ڊي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب عمران خان جي تڪ اين اي 22 مردان، اين اي 24 چارسده، اين اي 31 پشاور جي سيٽ خالي ڪئي وئي آهي.
ان کان علاوه اين اي 108، اين اي 118 ننڪانه ۽ اين اي 239 ڪراچي مان عمران خان جي سيٽ خالي قرار ڏني وئي.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته عمران خان اين اي 45 تان قومي اسيمبلي جو ميمبر رهندو.
واضح رهي ته 16 آڪٽوبر 2022 تي قومي اسيمبلي جي 7 تڪن تي ٿيل ضمني چونڊن ۾ عمران خان اميدوار هو ۽ هن 6 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي هئي ۽ هڪ ۾ کيس شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو.
بعد ۾ اين اي 45 جي ضمني چونڊ ۾ عمران خان ڪامياب ٿيو.