اهم خبرون

پاڪستان

February 15, 2023 5:25 pm

اليڪشن ڪميشن ڇا ڪري رهي آهي:چيف جسٽس عمر عطا بنديال

لاهور هائيڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي پنجاب ۾ چونڊ ڪرائڻ  جو حڪم ڏنو آهي، فيصلي تي عمل ڇو نه پيو ڪيو وڃي؟،

اليڪشن ڪميشن ڇا ڪري رهي آهي؟چونڊن جي تاريخ لاءِ گورنر سان ڇو مشاورت ڪئي پئي وڃي؟،

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جا هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس، ڊي جي اليڪشن ڪميشن عدالت کي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن پنجاب جي گورنر سان مشاورت ٿي آهي،

گورنر قانوني رستو اختيار ڪندو، جسٽس عائشه ملڪ ريمارڪس ڏنا ته توهان کي چونڊن لاءِ مشاورت جي ضرورت ڇو محسوس ٿي رهي آهي؟،

جسٽس اطهر من الله چيو ته شايد هائيڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي گورنر سان مشاورت جو حڪم ڏنو هجي،

چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن هائيڪورٽ جو حڪم آهي ته پوءِ ڀلي مشاورت ڪئي وڃي، سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باغي ميمبرز جي اپيل خارج ڪري ڇڏي.

وڌيڪ پڙهو: