نارو ڀرسان ناياب نسل جي ڦاڙهن جي شڪار تي پابندي هڪ رات اندر 5 ڦاڙهن کي مارڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، وائيلڊ لائيف جي اسپيشل ٽيم جي انچارج چيو آهي ته اطلاع مليو آهي، شڪار ڪندڙن کي نوٽيس ڏئي 23 تاريخ تي سکر آفيس ۾ گهرايو آهي.
سڪندر آباد ڀرسان شڪاري ناياب نسل جي ڦاڙهن جو شڪار ڪيو.
ذريعن موجب، ٻن راتن ۾ شڪارين سرچ لائيٽ ذريعي پنج ڦاڙهن کي ماريو، وائيلڊ لائيف کاتي ڪا به ڪارروائي نه ڪئي.
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ناياب نسل جي ڦاڙهن جي شڪار تي پابندي آهي، ان باوجود شڪاري شڪار ڪري رهيا آهن، فوري طور نوٽيس وٺي شڪارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
ٻئي طرف وائيٽ لائيف کاتي جي اسپيشل ٽيم جي انچارج ديدار ڀاڳت چيو ته اطلاع مليو آهي، معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، شڪار ڪندڙن کي نوٽيس ڏئي کين 23 تاريخ تي سکر آفيس گهرايو آهي.