ڪلوئي ۾ رُولو ڪتن جو آزار وڌي ويو، ڪُتن پنج ٻڪريون ماري ڇڏيون ۽ ٻه ٻڪريون ڏاڙهي رتورت ڪري ڇڏيون.
ڳوٺ ڪيٽي مير محمد لُنڊ ۾ فقير غلام محمد لُنڊ جي مال جي واڙي تي رُولو ڪُتن ڪاهه ڪري پنج ٻڪريون ماري ڇڏيون.
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ ڪُتن جو آزار وڌي ويو آهي، اڄ ڪُتن مال جي واڙي ۾ پنج ٻڪريون ماري ڇڏيون ۽ ٻن ٻڪرين کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو،
ڪتن جي آزار بابت انتظاميا کي ڪيترائي ڀيرا آگاهي ڏني ۽ درخواستون ڏنيون ته ڪتا مار مهم هلائي وڃي، پر ڪير ٻُڌڻ لاءِ تيار ناهي.
ڳوٺاڻن دانهيو ته انتظاميا جي لاپرواهي سبب اسان جو نقصان ٿيو، اسان جو گذر چوپائي مال تي آهي، ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.