پاڪستان

February 12, 2023 5:26 pm

پنجاب جي خوراڪ کاتي ۽ فلور ملز ايسو سيئيشن ۾ تڪرار نه نبريو

پنجاب جي خوراڪ کاتي ۽ فلور ملز ايسو سيئيشن ۾ تڪرار نه نبريو،

پنجاب جي خوراڪ کاتي 100 کان وڌيڪ فلور ملز  جي ڪڻڪ واري ڪوٽا معطل ڪري ڇڏي،

10 ملز مالڪن خلاف ڪيس داخل، فلور ملز مالڪن حڪومتي فيصلي خلاف سڀاڻي کان هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو،

ڪيتريون ئي فلور ملز اڄ ئي بند ڪيون ويون، اٽي جي فراهمي به روڪي وئي،

انتظاميا جو چوڻ آهي ته ملز مالڪ اٽي جي هٿرادو کوٽ  پيدا ڪري رهيا هيا، جنهن سبب ڪارروائي ڪئي پئي  وڃي.

 

وڌيڪ پڙهو: