پاڪستان

March 12, 2023 2:13 pm

لاهور ۾ قلم 144 لاڳو هئڻ باوجود پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي ريلي لاءِ زمان پارڪ آمد جاري

لاهور ۾ قلم 144 لاڳو هئڻ باوجود پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي ريلي لاءِ زمان پارڪ آمد جاري،

پوليس زمان پارڪ کان داتا درٻار ويندڙ رستا ڪنٽير لڳائي بند ڪري ڇڏيا، ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ لاهور ۾ رينجرز مقرر ڪرڻ جو فيصلو،

صوبائي حڪومت لاهور ۾ 22 مارچ تائين رينجرز مقرر ڪرڻ لاءِ گهرو وزارت کي خط لکي ڇڏيو،

نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو آهي ته پنجاب ۾ سياسي سرگرمين تي پابندي ناهي،

سمورين سياسي پارٽين کي چونڊ مهم هلائڻ جي آزادي آهي، پي ايس ايل ميچز ۽ ميراٿن سبب رڳو اڄوڪي ريليز ۽ سياسي سرگرميون محدود ڪيون ويون آهن.

 

وڌيڪ پڙهو: