سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني عدالتي حڪم باوجود اسيمبلي جي اسپيشل سيڪريٽري محمد خان رند کي ڪم کان روڪي ڇڏيو، اسپيشل سيڪريٽري محمد خان رند اسپيڪر خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي ،
عدالت محمد خان رند کي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪندي اسپيڪر آغا سراج دراني کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آهي.
سنڌ اسيمبلي جي اسپيشل سيڪريٽري محمد خان رند عدالتي حڪم باوجود ڪم کان روڪڻ تي اسيمبلي جي اسپيڪر آعا سراج دراني خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي.
اسپيشل سيڪريٽري محمد خان رند موقف اختيار ڪيو ته عدالت مونکي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي پر اسپيڪر سيڪريٽري ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.
عدالت سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اسپيڪر سان ڪهڙو مسئلو آهي، عدالتي حڪمن تي عمل ڇو نه پيو ڪري؟
عدالت محمد خان رند کي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي ۽ اسپيڪر آغا سراج دراني کي نوٽيس جاري ڪري پهرين مارچ تائين جواب طلب ڪري ورتو.
واضح رهي ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيشل سيڪريٽري محمد خان رند اسيمبلي ۾ غير قانوني ڀرتين بابت عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي هئي.