اهم خبرون

پاڪستان

March 1, 2023 6:24 pm

فرح گوگي کي پاڪستان آڻڻ لاءِ انٽرپول سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) فرحت شهزئي عرف فرح گوگي کي پاڪستان آڻڻ لاءِ انٽرپول سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ايف آءِ اي ذريعن موجب فرحت شهزادي کي پاڪستان آڻڻ لاءِ انٽرپول سان رابطو ڪرڻ جي فيصلي لاءِ گهرو وزارت کان اجازت گهري وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته فرحت شهزادي کي اشتهاري قرار ڏيڻ لاءِ عدالت کان ريڊ وارنٽ حاصل ڪيا ويندا.

ذريعن موجب فرحت شهزادي خلاف اسٽيٽ بينڪ جي هدايت تي اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،

سندس اڪائونٽس مان غير معمولي ٽرانزيڪشن ٿي هئي.

وڌيڪ پڙهو: