اهم خبرون

پاڪستان

February 21, 2023 9:40 pm

ن ليگ جو جسٽس اعجاز الاحسن ۽ مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف سڌي ريت ايڪشن وٺڻ جو فيصلو

حڪمران جماعت مسلم ليگ ن سپريم ڪورٽ جي جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظهر علي اڪبر نقوي خلاف سڌي ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ قانوني مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ قانوني ٽيم موقف اختيار ڪيو ته نواز شريف خلاف ڪيس ۾ جسٽس اعجاز الاحسن کي نگران جج بڻايو وڃي، جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف آڊيو ليڪ جا ناقابل ترديد ثبوت سامهون اچي ويا آهن، جسٽس مظاهر نقوي الزام هنيو آهي ته نوازشريف شهباز شريف جي حوالي سان ڪيترن ئي ڪيسن ۾ غلط فيصلا ڏنا.

قانوني ٽيم بريفنگ ۾ ٻڌايو ته لسٽ ۾ پاناما، پارٽي قيادت، پاڪ پتن الاٽمينٽ ڪيس، رمضان شوگر ملز ڪيس شامل آهن، ٻنهي ججن جو مسلم ليگ (ن) خلاف تعصباڻو رويو آهي.

قانوني ٽيم جو چوڻ هو ته تڪراري جج رضاڪارانه طور لاڳاپيل ڪيس جي ٻڌڻي کان پاڻ کي الڳ ڪري ڇڏيندا آهن، تڪراري ججن کي بينچ مان هٽائڻ جي روايت آهي ته مخالف ڌر جي درخواست تي به بينچ مان هٽايو وڃي.

واضح رهي ته ملڪ جي بار ڪائونسلن پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي آڊيو ليڪ ٿيڻ واري معاملي تي سپريم ڪورٽ جي جج خلاف ايندڙ هفتي سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

وڌيڪ پڙهو: