وفاقي حڪومت پاران بجلي استعمال ڪندڙ وڏن واهپيدارن کان 76 ارب رپيا اوڳاڙڻ جو فيصلو،
بخار وارين دوائن جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو، اقتصادي رابطا ڪميٽي منظوري ڏئي ڇڏي،
ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اِي سِي سِي جي اجلاس بابت پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اي سي سي بجلي جي وڏن واهپيدارن تي هڪ رپيو في يونٽ وڌيڪ اوڳاڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اوڳاڙي ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن تي به لاڳو ٿيندي،
ٻوڏ متاثرن کي رليف ڏيڻ لاءِ بجلي جي بلن جي مد ۾ 10 ارب 34 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي،
اجلاس ۾ بچاءَ واري وزارت لاءِ 45 ڪروڙ رپين جي گرانٽ جي به منظوري ڏني وئي، بخار جي دوائن کانسواءِ 20 دوائن جا اگهه گهٽائڻ جي به منظوري.