رانديون

March 5, 2023 3:58 pm

ڊيوڊ وارنر پي ايس ايل کيڏڻ جو خواهشمند

آسٽريليا جي جارحاڻي بيٽسمين ڊيوڊ وارنر پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ کيڏڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

ان خواهش جو اظهار ڊيوڊ وارنر افغان آل رائونڊر ۽ لاهور قلندرز جي نمائندي راشد خان جي انسٽاگرام پوسٽ تي ڪيو.

ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز خلاف 17 رنسن جي فتح کانپوءِ راشد خان انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجي ساٿين سڪندر رضا ۽ حارث رئوف جي ساراهه ڪئي.

فغان ڪرڪيٽر اسٽيڊيم ۾ لاهور جي ماڻهن جو به شڪريو ادا ڪيو.

راشد خان جي انسٽاگرام پوسٽ تي ڪيترن ئي رانديگرن تبصرا ڪيا جڏهن ته آسٽريليا جي بيٽسمين ڊيوڊ وارنر به تبصرو ڪيو.

‘مان ڪڏهن کيڏي سگهان ٿو؟’ وارنر پڇيو.

آسٽريلوي ڪرڪيٽر جو اهو تبصرو سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي وائرل ٿي رهيو آهي جڏهن ته ڪرڪيٽر جا پاڪستاني مداح به کيس وطن اچڻ جي آڇ ڪري رهيا آهن.

وڌيڪ پڙهو: