سنڌ

February 22, 2023 1:30 pm

دادو جي عدالت پاران ميهڙ جي ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو جي ضمانت رد

دادو جي عدالت ميهڙ جي ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، پوليس کيس عدالتي احاطي ۾ گرفتار ڪري ورتو، ام رباب چانڊيو چيوآهي ته ڪريم چانڊيو جي گرفتاري حق ۽ سچ جي فتح آهي.

ميهڙ واقعي ۾ ام رباب چانڊيو جي 3 گهر ڀاتين جي ڪيس ۾ اڳواڻي ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو جي ضمانت بابت درخواست تي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾  ٻڌڻي ٿي.

ام رباب چانڊيو پنهنجي وڪيل سميت عدالت پيش ٿي، جڏهن ته اڳوڻو ايس ايڇ او به عدالت ۾ پيش ٿيو.

عدالت گذريل ڏينهن ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو جي ضمانت تي ٻنهي ڌرين جي وڪيلن پاران دليل مڪمل ڪرڻ بعد محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائندي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.

اڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو جي ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ تي پوليس کيس احاطي مان گرفتار ڪري ورتو.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چيو آهي ته عدالتن مان ئي انصاف جي اميد آهي، اڳوڻي ايس ايڇ او جي گرفتاري  واضح پيغام مليو آهي ته ڪو به قانون کان مٿانهون نه آهي.

هن چيو ته، مان پنجن سالن کان جدوجهد ڪري رهيا آهيان، مون کي اميد آهي ته انصاف ضرور ملندو.

هن چيو ته، ڪريم چانڊيو جي گرفتاري حق ۽ سچ جي فتح آهي، مان اڪيلي ٿي جوابدارن خلاف ميدان تي بيٺي آهيان، پاڪستان جي قانون ۽ آئين تي يقين آهي.

ام رباب چيو ته، مون کي انصاف ضرورت ملندو، انشاءَ الله جوابدارن کي سزا ضرور ملندي، عدالتون  انصاف ڪنديون.

ام رباب چيو ته بلوچستان ۾ عورت سميت ٽن ڄڻن کي قتل ڪرڻ وارو واقعو افسوسناڪ آهي، منهنجي تحريڪ اهڙن جاگيردارن خلاف آهي…

 

وڌيڪ پڙهو: