ڪراچي: ڪسٽم کاتي جي اينٽي اسمگلنگ عملدارن مٽياري ۾ ڪارروائي ڪندي 7 ڪروڙ رپين جو اسمگل ٿيل سامان هٿ ڪري ورتو.
پاڪستان ڪسٽمز جي ترجمان موجب ٽيم ميٿادر واري علائقي ۾ گودام تي ڇاپو هنيو جتي آپريشن ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهيو،
جنهن دوران 7 ڪروڙ رپين جو اسمگل ٿيل سامان هٿ ڪيو ويو.
ترجمان موجب برآمد ٿيل سامان ۾ پرڏيهي سگريٽ، ڀارتي گٽڪو ۽ فليورڊ تمباکو شامل آهن.
ترجمان جو چوڻ آهي ته هٿ آيل سامان اينٽي اسمگلنگ اسڪواڊ سيل منتقل ڪيو ويو آهي،
جڏهن ته جوابدار خلاف ڪسٽم ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.