ڪراچي جي پاپوش نگر ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪري 2 جوابدارن کي گرفتارڪري هٿيار ۽ هزارين گوليون هٿ ڪري ورتا، سي ٽي ڊي ترجمان موجب، ڪارروائي دوران فهد بلوچ ۽ زاهد بلوچ کي گرفتار ڪيو آهي.
سي ٽي ڊي ترجمان موجب ڳجهي اطلاع تي پاپوش نگر واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن فهد بلوچ ۽ زاهد بلوچ کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هڪ لاشنڪوف، 17 نائن ايم ايم پسٽل، هزارين گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.
سي ڊي ٽي ترجمان موجب ، جوابدار عادي ڏوهاري آهن، وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي