اسلام آباد جي مقامي عدالت ۾ عمران خان پاران خواجا آصف جي خلاف عزت کي ڇيهو رسائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي،ٻڌڻي دوران خواجا آصف جي وڪيل پاران عمران خان کان آڏي پڇا جاري،
پي ٽي آءِ جو چيئرمين ويڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش،عمران خان عدالت کي ٻڌايو ته هي ڳالهه درست آهي ته 2008 ۾ 30 لک ڊالرن جي سيڙپ ڪئي وئي،
سيڙپ ڪيل موڙي 2015 ۾ شوڪت خانم کي واپس ڪئي وئي،امتياز حيدري ان ڪميٽي ۾ شامل هو، جنهن 30 لک ڊالرز جي سيڙپ جي منظوري ڏني،
مون کي خبر ناهي ته امتياز حيدري پي ٽي آءِ جو ڊونر هو يا نه.شوڪت خانم کي سمنڊ پار پاڪستاني چندو ڏيندا آهن،شيخ سليم المشاني ڪير آهي،ان جي خبر ناهي.