اهم خبرون

پاڪستان

February 11, 2023 5:48 pm

ملڪ بينڪ ڪرپٽ ٿي چڪو آهي:ايف بي آر جو اڳوڻو چيئرمين شبر زيدي

ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته ملڪ بينڪ ڪرپٽ ٿي چڪو آهي،
ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شبر زيدي چيو ته جيڪڏهن سموريون سرڪاري زمينون وڪرو ڪيون وڃن ته چار ڀيرا قرض ادا ٿي ويندو،

آءِ ايم ايف جو شرط آهي ته اسان جي قسط مان چين کي قرض جي ادائيگي نه ڪئي وڃي
هن چيو ته بينڪ ڪرپٽ ٿيڻ هاڻي ڪا وڏي ڳالهه ناهي، روس ۽ يوڪرين ڊيفالٽ ڪيو ته اتي ڪا به آفت نه آئي، انهن تجربي مان سکيو ۽ پوءِ انهن ملڪن ڊيفالٽ کانپوءِ ترقي ڪئي
هر 5 سالن کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۽ مهانگائي جو طوفان ايندو آهي،

اسان وٽ 1970ع کان پوءِ درآمد تي ٻڌل معيشت آهي، سڀ معيشتدان نااهل يا منافق آهن، هن وقت نئين ڳالهه اها آهي ته پرڏيهي پاليسي مان پئسو نه ٺهي رهيو آهي،
شبر زيدي اهو به سوال اٿاريو ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ مسلم ليگ وٽ معاشي پلان هو.

هن اهو به سوال ڪيو ته 5 سالن ۾ پاڪستان جو مستقبل ڇا آهي، عمران خان يا شهباز شريف ٻڌائيندا؟، معاشي پاليسيون سوشل ميڊيا تي ويهي ٺاهيون وينديون؟

هن وڌيڪ چيو ته ڪرپشن جو 85 سيڪڙو حصو واپارين وٽ ويندو آهي، ڪرپٽ واپارين 1992ع ۾ نواز شريف کي وزيراعظم بڻايو، انهن سڀني جون يورپ ۽ آمريڪا ۾ ملڪيتون آهن، ڊالر وٺڻ مهل پڇو وڃي ٿو پر ڪراچي ۾ هنڊي جو ڪاروبار عروج تي آهي ۽ هنڊي وارن جي ڪاروبار بابت سڀني کي خبر هوندي به انهن کان ڪوبه پڇڻ وارو نه آهي

شبير زيدي چيو ته عمره زيارت تي 2 ارب ڊالر خرچ اچي ٿو، پرڏيهي ايئر لائنز بند ٿيڻ گهرجن، سي پيڪ جي لال بتي ڪجهه به ناهي، ان کي بند ڪيو وڃي، رڌ پچاءُ جي تيل جا فصل پاڪستان ۾ پوکيا وڃن ۽ 3 ارب ڊالرن جي بجلي جو خزاني تي پوندڙ بار به بچايو وڃي.

هن چيو ته سموريون پارٽيون اليڪشن ۾ پنڊي جي حمايت چاهين ٿيون، فوج ۽ سمورين سياسي پارٽين کي ويهڻو پوندو.

 

وڌيڪ پڙهو: