آئين هر صورت ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊ ڪرائڻ جو پابند بڻائي ٿو، جنهن ۾ ڪو مونجهارو ناهي،
شفاف چونڊ ڪرائڻ رڳو اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي،
سپريم ڪورٽ جا سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر جي بدلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس،
جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته مقرر مدت ۾ چونڊ نه ٿي ته آئين جي ڀڃڪڙي هوندي،
اِي سي پي چونڊن جو معاملو هوا ۾ اڏائي ڇڏيو، رڳو مقرريون ۽ بدليون ڪيون پيون وڃن، عدالت پنجاب ۾ بدلين جا تفصيل طلب ڪري ورتا.