سنڌ

February 10, 2023 10:39 am

ڪمشنر لاڙڪاڻو پاران شهري علائقن مان مينهن  واڙا ختم ڪرائڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن کي خط

ڪمشنر لاڙڪاڻو گهنور لغاري لاڙڪاڻي ضلعي جي 12 وڏين شهري علائقن مان مينهن  واڙا ختم ڪري مينهن جي داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي.

ڪمشنر لاڙڪاڻو سچل ڪالوني، وکيل ڪالوني، شيخ زيد، لاهوري محلا، پيپلز ڪالوني، دري، نوانٽڪ محلا، ڪرما باغ، شيخ محلا، ريشم گلي ۽ ڪينيڊي مارڪيٽ جي آس پاس مينهن جي داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي.

شهر جي گهٽين ۾ به ڍورن جون رونقون نظر اچي رهيون آهن، مينهن جي اچ وڃ بند ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪمشنر لاڙڪاڻو جو اسسٽنٽ ڪمشنرن، ڪمشنرن ۽ ايس ايڇ اوز کي خط.

ڪمشنر لاڙڪاڻو جو چوڻ آهي ته لاڙڪاڻي شهر جي مختلف علائقن ۾ مينهن جي باهرن گهمڻ  سبب گندگي ۾ واڌ سميت  نيڪال ۽ ٽريفڪ جو نظام خراب ٿي ويو آهي.

شهري علائقن ۾ مينهن جي چرپر تي قلم 144 لاڳو آهي: ڪمشنر لاڙڪاڻو

وڌيڪ پڙهو: