سنڌ

February 25, 2023 2:52 pm

ميرپور ساڪرو جي سامونڊي پٽيءَ ۾ سامونڊي ويرن تباهي مچائي ڇڏي

ميرپور ساڪرو جي سامونڊي پٽيءَ ۾ سامونڊي ويرن تباهي مچائي ڇڏي،

سمنڊ جو کارو پاڻي فصلن ۽ ڳوٺن ۾ داخل ٿي ويو، سامونڊي پاڻي داخل ٿيڻ سبب ڪڻڪ جو تيار فصل سڙڻ لڳو،

ڳاڙھو شھر جي ڳوٺ محمد علي شولاڻي، صديق شولاڻي، سليمان شولاڻي، الهڏنو شولاڻي، محمد ماڇي، امين جت، جمن شولاڻي، مير محمد جت ۽ ٻين ڳوٺن ۾ 2 کان ٽن فٽن تائين سامونڊي پاڻي داخل،

رهواسي پنهنجي مدد پاڻ تحت محفوظ هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ لڳا، انتظاميا سندن ڪا سار نه لڌي..

وڌيڪ پڙهو: