وڏي وزير مراد علي شاهه هدايت ڪئي آهي ته آدمشماري بابت عوام کي آگاهي ڏئي ديهه جي سطح تي سمورن گهرن ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهن جي ڳڻپ يقيني بڻائي وڃي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ آدمشماري بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، ناصر شاهه، سيد سردار شاهه،چيف سيڪريٽري ۽ ٻين واڳيل عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته سمورا ڪمشنر ۽ ڊي سي وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.
ان موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته چاهيان ٿو ته آدمشماري ۾ سڀني کي باقاعده سان شامل ڪيو وڃي، آدمشماري هڪ قومي فرض آهي، سڀ پنهنجي ڳڻپ ڪرائن.
وڏي وزير چيو ته سمورا ڪمشنر ۽ ڊي سيز ان ڳالهه کي يقيني بڻائن ته ڳڻپ دوران سمورا گهر ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهن جي ڳڻپ ٿئي، ديهه جي سطح تي سمورن گهرن ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهن جي ڳڻپ يقيني بڻائي وڃي.
Sindh Chief Minister Syed Murad Ali Shah presides over a meeting regarding 7th Housing and Population Census at CM House. He urged all the people to come forward and get every individual counted. pic.twitter.com/ga37y7onyd
— Sindh Chief Minister House (@SindhCMHouse) March 3, 2023
مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته هي ڊجيٽل آدمشماري آهي، ٽيبليٽس ذريعي ڊيٽا داخل ڪئي پئي وڃي.
ان موقعي تي وڏي وزير صوبائي وزيرن کي آدمشماري بابت جاڳرتا مهم هلائڻ جي به هدايت ڪئي.