بين الاقوامي

دنيا

March 14, 2023 6:42 pm

چين ٽن سالن کانپوءِ پرڏيهي سياحن لاءِ ويزا بحال ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

چين پرڏيهي سياحن لاءِ پنهنجون سرحدون کولڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪي ڪورونا وائرس جي شروعات کان ئي بند آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب چين ڪورونا وائرس کانپوءِ 3 سالن لاءِ ملڪ ۾ پرڏيهي سياحن جي اچڻ تي پابندي لاڳو ڪئي هئي،

جيڪا هاڻي ختم ڪئي وئي آهي ۽ پرڏيهي سياحن لاءِ ويزا بحال ڪيا ويا آهن.

بيجنگ طرفان ڪورونا وائرس خلاف ڪاميابي جي اعلان کانپوءِ حڪومت سفري ۽ سياحتي پابندين جي حوالي سان اهي اهم قدم کنيا آهن.

چيني حڪومت 20 مارچ 2020 کان پرڏيهي سياحن کي ويزا جاري ڪرڻ بند ڪري ڇڏيا هئا، جنهن سان چين جي معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهتو هو پر هاڻي چيني حڪومت 28 مارچ کان سياحن لاءِ ويزا بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب شنگهائي ۽ هينان آئلينڊ کان ڪروز جهازن ذريعي اچڻ وارن لاءِ ويزا فري داخلا جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هانگ ڪانگ ۽ ميڪاو جا سياح به ويزا فري داخلا جا اهل هوندا.

ان کان علاوه يورپ ۾ چيني سفارتخانا به جلد ويزا جي درخواستن جي پروسيسنگ شروع ڪندا.

چين جي معيشت ۾ سياحت جو به اهم ڪردار آهي ۽ ڪورونا سبب سياحت جي بندش چيني معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهتو پر هاڻي چيني اختيارين ٽن سالن کانپوءِ سياحت کولڻ کانپوءِ وڏي انگ ۾ پرڏيهي سياحن جي اچڻ جو امڪان ظاهر ڪري رهيا آهن.

چين جو چوڻ آهي ته ان جي جي ڊي پي 2022 ۾ صرف ٽي سيڪڙو وڌي ويندي، تقريبن 50 سالن ۾ بدترين شرح.

وڌيڪ پڙهو: