سنڌ

February 15, 2023 7:06 pm

مبينا آپگهات وارو معملو، وڏي وزير ايس ايس پي عمرڪوٽ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي

وڏي وزير جي انساني حقن بابت خاص معاون سُريندر ولاسائي ڪنري ۾ نينگري ڊيلي ڪولهي جي مبينا آپگهات واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي عمرڪوٽ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جنهن بعد ايس ايس پي عمرڪوٽ چار رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

ٽي ڏينهن اڳ ڪنري ويجهو بودر فارم واري علائقي ۾ 9 سالن جي نينگري ڊيلي ڪولهي جو گهر ۾ ڦاهو کاڌل لاش مليو هو.

وزيراعليٰ سنڌ جي انساني حقن بابت خاص معاون، ايم پي اي سُريندر ولاسائي نينگري جي مبينا آپگهات واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي عمرڪوٽ کان رپورٽ گهري ورتي.

انساني حقن واري کاتي جي نوٽيس بعد ايس ايس پي عمرڪوٽ اعجاز احمد شيخ ڊي ايس پي سامارو، سي آءِ اي انچارج عمرڪوٽ، ايس ايڇ او سامارو ۽ ايس ايڇ او بودر فارم تي ٻڌل جاچ ٽيم جوڙي آهي.

ايس ايس پي عمرڪوٽ چار رڪني جاچ ٽيم کي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

واضح رهي ته ٽي ڏينهن اڳ نينگري جي مبينا آپگهات بعد سندس پيءُ اوڪو ڪولھي پوليس کي بيان ڏيندي ٻُڌايو هو ته شادي جي دعوت ۾ گڏ نه وٺي وڃڻ تي سندس ڌيءَ ڊيلي ڪولهي ڪاوڙ ۾ اچي آپگهات ڪيو آهي.

وڌيڪ پڙهو: