وڏي وزير مراد علي شاهه پوليو کان بچاءَ واري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو،
وڏي وزير ٻارڙن کي ڦڙا پياريا ۽ تحفا به ڏنا، مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ 33 مهينن دوران پوليو جو ڪيس ظاهر نه ٿيڻ وڏي ڪاميابي آهي،
19 مارچ تائين جاري رهندڙ مهم دوران هاءِ رسڪ ضلعن ۾ 56 لک ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا.