پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي تحريڪ انصاف جو صدر مقرر ڪيو ويو آهي.
پرويز الاهي جي مقرري جو نوٽيفڪيشن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي دستخطن سان جاري ڪيو ويو.
رجیم چینج کے بعد سے اب تک چئیرمین عمران اور پاکستان تحریک انصاف کے ساتھ ڈٹ کر کھڑے رہنے والے چوہدری پرویز الہی پاکستان تحریک انصاف کے صدر مقرر ۔
— PTI (@PTIofficial) March 7, 2023
نوٹیفکیشن جاری ! pic.twitter.com/BUiZIwSOWl
فواد چوڌري عمران خان طرفان پرويز الاهي کي نوٽيفڪيشن جي ڪاپي پيش ڪئي. چوڌري پرويز الاهي عمران خان جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته عمران خان پاران ڏنل اعتماد جو شڪر گذار آهيان، هو عمران خان سان گڏ بيٺو ۽ آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ وڙهندو.
هن چيو ته عمران خان ملڪ ۾ آئين، قانون ۽ عام ماڻهوءَ لاءِ جنگ وڙهي رهيو آهي، عمران خان کي روڪڻ حڪومت جو ڪم ناهي، هو عوام جي دلين ۾ وڃي ويٺو آهي، عمران خان جي مقبوليت آهي.
واضح رهي ته اڳوڻي وڏي وزير گذريل ڏينهن مسلم ليگ (ق) ڇڏي تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي.