سنڌ

March 9, 2023 1:57 pm

ٺل ۾  آدمشماري جي عملو جو ٽرانسپورٽ ۽ ٻيون سهولتون نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال

ٺل ۾  آدمشماري جي عملي پاران  ٽرانسپورٽ ۽ ٻيون سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاج مظاهرو ڪيو ويو.

عملي اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

احتجاج  ڪندڙن دانهيو ته انتظاميه پيٽرول الائونس سميت ڪا به سهولت فراهم نه ڪئي آهي.

هنن چيو ته سهولتن جي فراهمي لاءِ لاڳيتو احتجاج ڪري رهيو آهيون پر ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي عملي ۾ پکڙيل بيچيني کي ختم ڪيو وڃي.

وڌيڪ پڙهو: