سنڌ

February 11, 2023 10:28 am

ڪراچي جي جناح اسپتال جي وارڊ مان عورت مريض گم، ڪيس داخل

ڪراچي جي جناح اسپتال جي وارڊ مان عورت مريض جي گم ٿيڻ جو ڪيس صدر ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو.

ڪراچي جي جناح اسپتال مان عورت مريض جي مبينا گمشدگي واري ڪيس ۾ صدر پوليس گم ٿيل عورت جي مڙس خلاف قلم 496 اي تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

پوليس موجب سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪئي پئي وڃي، ٻڌايو پيو وڃي ته گم ٿيل عورت جي شادي اڍائي سال اڳ وسيم نالي شخص سان ٿي هئي.

پوليس موجب ڪيترائي ڪلاڪ گذري ويا آهن پر عورت بابت ڪجهه به نه ملي سگهيو آهي.

وڌيڪ پڙهو: