پاڪستان

February 24, 2023 7:34 pm

ڪابينا پي ايس ايل ميچن جا خرچ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي: نگران وڏو وزير

لاهور: پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته صوبائي ڪابينا پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ميچن جي خرچن جي منظوري ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو ته گذريل سال پي ايس ايل ميچن جي سڪيورٽي تي 60 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا هئا.

محسن نقوي چيو ته پنجاب حڪومت گذريل سال پي ايس ايل ميچن لاءِ 60 ڪروڙ رپيا لائيٽس ۽ ٻين شين تي خرچ ڪيا، هاڻي نگران حڪومت آهي ۽ اسان کي چيو ويو آهي ته پئسا خرچ نه ٿا ڪري سگهو.

پي ايس ايل ميچن لاءِ 45 ڪروڙ رپين جي ادائيگي بابت سوال تي نگران وڏي وزير پنجاب چيو ته سڄي ڪابينا هتي بيٺي آهي، ڪابينا پي ايس ايل ميچن جي خرچن جي منظوري ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.

جڏهن پي ايس ايل جي ڪراچي منتقلي بابت پڇيو ويو ته محسن نقوي چيو ته مون کي ان جي خبر ناهي.

واضح رهي ته پنجاب حڪومت پي ايس ايل ميچن لاءِ پي سي بي کان 45 ڪروڙ روپين جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي جو موقف آهي ته جيڪڏهن پنجاب حڪومت رقم واپس نه ڪئي ته پي ايس ايل ميچن لاءِ رقم واپس ورتي وئي. پي ايس ايل جون ميچون ڪراچي منتقل ڪيون وينديون.

وڌيڪ پڙهو: