ڇاڇرو: ڪراچي ۾ مزدوري ڪندڙ نينگر رفيق نهڙي جي فوت ٿيڻ وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو آهي ڊاڪٽر پاران چيو ويو آهي ته
فوتي ٻار رفيق جي ڀاءُ رشيد نهڙي جي به حالت انتهائي خراب ٿي وئي آهي، پوري جسم تي تشدد ٿيل آهي،
فوتي ٻار جي پيءِ قبول نهڙي چيو ته منهنجو پٽ رفيق 12 سالن جو هو جيڪو ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو هو جنهن کي بنگلي ۾ قيد ڪري تشدد جو نشاني بڻائي ماريو ويو آهي،
هن چيو ته ٽيون پٽ رزاق به ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي،ٽنهي ٻارن تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويندو ۽ رفيق زخمين جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي
ڊاڪٽرز پاران چيو ويو آهي ته ٻارڙا تشدد ٿيڻ جي ڪري دماغي توازن وڃائي چڪا آهن، معصوم ٻارن ٻڌايو ته سريا گرم ڪري تشدد ڪيو ويندو هو