شوبز

March 9, 2023 7:02 pm

بالي ووڊ اداڪار ۽ هدايتڪار ستيش ڪوشڪ لاڏاڻو ڪري ويو

بالي ووڊ جو مشهور اداڪار ۽ هدايتڪار ستيش ڪوشڪ لاڏاڻو ڪري ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب ستيش ڪوشڪ کي نئين دهلي ۾ ڪار ۾ سفر دوران دل جو دورو پيو، سندس عمر 66 سال هئي.

ستيش ڪوشڪ جي موت جي خبر بالي ووڊ اداڪار ۽ ستيش جي ويجهي دوست انوپم کير پنهنجي ٽوئيٽ ذريعي ڏني.

انوپم کير ٽوئيٽ ڪندي چيو ته ”مون کي خبر آهي موت هن دنيا جي آخري حقيقت آهي، پر مون ڪڏهن خواب ۾ به نه سوچيو هو ته 45 سالن جي دوستي کانپوءِ هڪ ڏينهن پنهنجي بهترين دوست بابت هي لکندس. تون ستيش!’.

اداڪارا ڪنگنا رناوت پڻ ستيش ڪوشڪ جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو.

 

ستيش ڪوشڪ هڪ هندستاني اداڪار، ڪاميڊين، اسڪرين رائٽر، ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر هو. 13 اپريل 1956ع تي هريانا ۾ ڄائو، هن پنهنجي بالي ووڊ ۾ ڊيبيو ڪرڻ کان اڳ ٿيئٽرز ۾ ڪم ڪيو.

ستيش ڪوشڪ کي 1987 جي سپر هٽ فلم مسٽر انڊيا ۾ قلندر جي ڪردار لاءِ تنقيدي واکاڻ ملي. ان کان علاوه، هن 1990 ۾ انيل ڪپور جي رام لکن ۽ 1997 ۾ ساجن چلي سسرال لاء فلم فيئر بيسٽ ڪامريڊ ايوارڊ حاصل ڪيو.

هدايتڪاري جي ڳالهه ڪجي ته ستيش ڪوشڪ هدايت ڪئي آهي روپ جي راني چورو ڪا راجا، پريم، هم آپ دل ۾ رهي هي ۽ سلمان جي مشهور فلم تيري نام.

وڌيڪ پڙهو: