بينظير ڀٽو دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف جدوجهد ڪئي ۽ دهشتگردي جو ئي نشانو بڻجي شهادت ماڻي، حياتي کي خطري جي باوجود وطن واپس آئي،
پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڪمپيوٽرائيز رجسٽريش پروگرام جو افتتاح ڪري ڇڏيو،
تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته، شهيد بينظير ڀٽو جي خواهش هئي ته اهڙو پروگرام جوڙيو وڃي جنهن سان غربت جو خاتمو آڻي عورتن کي معاشي طور مضبوط ڪجي، پيپلزپارٽي ملڪ کي معاشي طور مضبوط ڪرڻ ۽ غربت ختم ڪرڻ جي خاتمي لاءِ جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي،
بي آءِ ايس پي غربت جي خاتمي ۽ عورتن کي معاشي طور مضبوط ڪرڻ جو پروگرام آهي،
شروع ۾ جي معاشي ماهرن ۽ بيورڪريسي هن پروگرام جي مخالفت ڪئي،
عالمي ادارن بي آءِ ايس پي جي شفافيت کي ساراهيو، هاڻي مستحق عورتن کي 25 سيڪڙو وڌيڪ رقم ملندي.