پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران ڪامريڊ ڄام ساقي کي سندس پنجين ورسي تي ڀيٽا پيش،
جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڄام ساقي پاڪستان ۾ پورهيت طبقي جي حقن لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ۽ بي مثال قربانيون ڏيندڙن جو نالو آهي،
ڄام ساقي جمهوريت پسند ۽ وقت کان پهريان سوچ رکندڙ عوامي اڳواڻ هو،
هن جبري پورهئي جي روڪٿام ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪئي.